راهو، حاجي الهداد خان

راهو، حاجي الهداد خان

راهوحاجي الهداد خان

راهو، حاجي الهداد خان: سماجي خدمتگار ۽ ناميارو زميندار حاجي الهداد خان ولد شهمير خان راهو، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ شهمير راهو، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي ننڍو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس ننڍيءَ عمر ۾ سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي وئي. حاجي الهداد ماڻهن جا وڏا ۽ تڪراري مسئلا انصاف سان حل ڪندو هو. سماجي خدمتن جي ڪري چئني صوبن ۾ مشهور ٿيو. 1982ع ڌاري حاجي الهداد ڀٽن ۽ کوسن جي وچ ۾ 50- 60 سالن تائين هلندڙ جھڳڙي جو فيصلو وڏي عقلمنديءَ سان ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ کوسا ۽ ڀٽا پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.
حاجي الهداد خان کي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪري گورنمينٽ پاران آفرين ناما ۽ ٻيا ڪيترا اعزاز به مليا. 1927ع کان 1956ع تائين کيس حڪومت سنڌ طرفان 22 کن سندون ۽ آفرين ناما مليا. پاڪستان حڪومت پاران 1964ع ڌاري کيس ’ستاره خدمت‘ جو اعزاز پڻ مليو. حاجي الهداد پنهنجي ڳوٺ شهمير راهوءَ ۾ 1930ع ڌاري هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان هزارين شاگرد پڙهي عالم، فاضل ۽ حافظ ٿي نڪتا. اهو مدرسو اڄ به قائم آهي. هن 14 مارچ 1983ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.01.01  عيسوي

سماجي خدمتگار ۽ ناميارو زميندار حاجي الهداد خان ولد شهمير خان راهو، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ شهمير راهو، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو.


1983.03.14  عيسوي

هن 14 مارچ 1983ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيما ابڙو ڊاڪٽر
چاچڙ حاجي خان اول
سوهارتو Suharto
زيب النساء
شيري رحمان
طريل تاج محمد
سورٺ ٿيٻو
جمال الدين مؤمن
سيد عبدالرحمان شاهه اظهر
ڄام جرار:
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون